سنڌي- انگريزي ڊڪشنري2

سنڌي- انگريزي ڊڪشنري2

سنڌي انگريزي ڊڪشنري2

سنڌي- انگريزي ڊڪشنري: ڪئپٽن جارج اسٽئڪ هيءَ ديوناگري لـپـيءَ ۾ سـنڌي- انگريزي ڊڪشنري، (A Dictionary of Sindhi and English) انگريز دؤر ۾ ڊپٽي ڪليڪٽر حيدرآباد دوران تيار ڪئي هئي. ان کان اڳ هو انگريزي- سنڌي ڊڪشنري 1849ع ۾ ڇپائي چڪو هو. سنڌي انگريزي ڊڪشنريءَ جي تياريءَ دوران هو بيمار ٿي پيو ۽ انگلنڊ هليو ويو. صحت جي بهتريءَ بعد هن موٽي اچي هن ڊڪشنريءَ کي مڪمل ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ته ڊسمبر 1853ع ۾ سندس وفات ٿي. ان وقت تائين هن ڊڪشنريءَ جا 160 صفحا ڇپجي چڪا هئا ۽ باقي ڪم تڪميل جي مرحلن ۾ هو ۽ الف- ب جا باقي 9 اکر رهيل هئا، جن کي بعد ۾ بئرو ايس. ايلس ترتيب ڏئي 1854ع ۾ ڇپرايو. هن لغت جو هڪ وڏي عرصي کان پوءِ محمد حسن عباسي چوٿون حصو موجوده سنڌي لپيءَ ۾ اُلٿو ڪيو هو، بعد ۾ اٿارٽيءَ جي ڪارڪن محترمه پارسا رضويءَ، هن لغت جو باقي حصو انٽرنيٽ تان ڳولي، ان کي سنڌي اسڪرپٽ ۾ آندو ۽ هن سڄي ڪم کي ڊاڪٽر فهميده حسين نظر مان ڪڍيو. ائين 96 سالن کانپوءِ ڪئپٽن جارج اسٽئڪ جي هيءَ لغت 2010ع ۾ سنڌي لئنگئيج اٿارٽيءَ ڇپائي پڌري ڪئي. ڊبل ڪرائون جي 645 صفحن جي هن ڊڪشنريءَ جي قيمت 300 روپيا آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو